تازه ترين

راڻيپور ۾ ڳوٺاڻن طرفان جميل رضا ڄامڙو جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

راڻيپور ۾ ڳوٺاڻن طرفان جميل رضا ڄامڙو جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ايڊووڪيٽ آصف ڄامڙو، غلام قادر، شفيع محمد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي مهينا اڳ ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ گھر تي حملي ۾ جميل رضا ڄامڙو قتل ۽ سندس والد غلام قادر زخمي ٿي پيو هو.

هنن چيو ته ڪيس برادري جي ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو هو جيڪي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ حملا ڪري رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته جوابدارن اڄ گھر کان نڪرڻ وقت فريادي غلام قادر مٿان حملو ڪيو جڏهن ته ماڻهن جي پهچڻ تي جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.

احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او راڻيپور کي اطلاع ڏنو پر هو نه پهتو ۽ هاڻي ڪيس به داخل نٿو ڪيو وڃي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وجي………

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
35 %
3.2kmh
98 %
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون