تازه ترين

راڻيپور ۾ 2 سال اڳ سام طور ڏنل ناري جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل

راڻيپور ۾ 2 سال اڳ سام طور ڏنل ناري جي گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ثنا گراماڻي جي والد ديدار گراماڻ يجي فرياد تي پنجن ڄڻن خلاف راڻيپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته نياڻي ثنا گراماڻي جي شادي سندس ڀاڻيجي سان ٿي هئي گھر جي رشتن سبب هو ڪاوڙجي پئي.

فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس گھرواري ۽ پٽ دلدار ثنا کي ابن ڏاڏن جي مرشد سيد سهيل شاهه وٽ سام طور ڇڏي آيا.

فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته هو پنهنجي امڙ کي ساڻ ڪري راڻيپور پنهنجي مرشد سيد سهيل شاهه وٽ آيا ۽ ثنا کي واپس هلڻ جو چيو ته سهيل شاهه چيو ته آمريڪا کان مهمان آيا آهن ڪجھه ڏينھن ڇڏي وڃو يا ڇوڪري جي ماءُ کي وٺي اچو.

فريادي چيو ته  هو واپس ويا ۽ 20 ڏينھن کانپوءِ سهيل شاهه جي ڀاءُ شابي سائين فون ڪري ٻڌايو ته ثنا گھر کان نڪري وئي آهي.

فريادي چيو ته کين شڪ ٿيو ته ثنا  کي قتل، اغوا يا وڪرو ڪرڻ لاءِ گم ڪري  ڇڏيو آهي  ان ۾  سيد سهيل شاهه،  امجد رياض، سراج  مشهوري ۽ سندس گھر واري ارشاد خاتون ملوث آهن.

پوليس سهيل شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون