تازه ترين

راڻي پور ۾ معصوم نياڻي شھيد فاطمه جو واقعو جيءُ جهوريندڙ آهي،سيد محمد منير شاھه

درگاھه پير ذاڪري جي سجاده نشين سيد محمد منير شاھه چيو آهي ته راڻي پور ۾ معصوم نياڻي شھيد فاطمه جو واقعو جيءُ جهوريندڙ آهي، ان قسم جا واقعا نه رڳو سنڌ جي تصوفي تعارف تي بدنما داغ آهن پر سنڌ جي شاندار تهذيب تي به ڪريل وار آهي.

درگاھه تي آيل عقيدتمند ۽ محبتين سان ڳالهائيندي سيد منير شاهه چيو ته درگاهون انسانيت جي خدمت، تحفظ ۽ سلامتي جي علامت آهن اتي ان قسم جا واقعا انتهائي شرمناڪ ۽ برداشت ڪرڻ جوڳا ناهن.

سندس چوڻ هو ته درگاهون اصل ۾ درسگاهون آهن جيڪي عزت، احترام، جياپي، وقار ۽ برابري جون ضامن آهن، درگاهن سان عقيدت جو مقصد ئي مريدن ۽ عقيدتمند کي حق ۽ سچ جو رستو ڏيکارڻ آهي.

درگاھه پير ذاڪري جي سجاده نشين سيد محمد منير شاھه چيو ته درگاهون نذرانن جي پيتين ڀرڻ لاءِ نه پر بدلجندڙ وقت سان گڏ علم، عقل ۽ ساڃاهه جو سرچشمو، سماجي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ هئڻ گهرجن.

هن چيو ته هن جديد سائنسي دور ۾ به جيڪڏهن ڪي درگاهون اجائي توڙي رد ٿيل رسمن کي جاري رکن ٿيون ته هو انهن درگاهن جو انڪار ڪري ٿو ۽ اعلانيا چئي ٿو ته اهي درگاهون نه پر دڪانداري ۽ روزگار جا ذريعا آهن، جتي علم، عقل ۽ ساڃاهه بدران جهالت ۽ وحشت جو راڄ هجي.

درگاھه پير ذاڪري جي سجاده نشين سيد محمد منير شاھه چيو ته ماڻهن جي عقيدت، محبت ۽ سادگي جو فائدو وٺندڙ ڪڏهن به مرشد نٿا ٿي سگهن، معصوم فاطما سان جيڪو ڪجھه ٿيو آهي ان انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي جنهن لاءِ مذمت انتھائي ننڍڙو لفظ آهي.

سندس چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو جي جوابدارن کي نه رڳو انجام تائين پهچايو وڃي پر هن واقعي لاءِ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي گهڻ رخي جاچ ڪئي وڃي.

درگاھه پير ذاڪري جي سجاده نشين سيد محمد منير شاھه چيو ته فاطمه ڦرڙو واقعي تي افسوس جو جملو بي معنيٰ آهي، سنڌ جو سمورو وجود ماتم بڻيل آهي، هي واقعو انسانيت جي بدترين توھين ۽ بي حسي جي انتها آهي.

هن چيو ته ڪيترن ڏينهن کان ھر باشعور ماڻهو سوڳ ۾ آهي، هي رڳو شهيد فاطما سان ظلم نه پر پوري انسانيت تي وحشي وار ڪيو ويو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي.

درگاھه پير ذاڪري جي سجاده نشين سيد محمد منير شاھه چيو ته هر اهو نظام ڊهڻ گهرجي جيڪو انسانيت جو ويري آهي.

آخر ۾ شھيد نياڻي فاطمه ڦرڙو جي روح کي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪري دعا گهري وئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون