ربيع الاول مهيني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

- Advertisement -
ربيع الاول مهيني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ربيع الاول مهيني 1446 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ عالم سڳورا، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزارت، موسميات کاتو ۽ سپارڪو جا نمائندا شريڪ ٿيندا. ان حوالي سان زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس صوبائي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيندا. واضح رهي ته ربيع الاول ۾ آخري نبي حضرت محمد صه جي ولادت جو جشن ملهايو ويندو آهي ۽ ملڪ ۾ مسجدن، عمارتن ۽ شاهراهن کي ساون جهنڊن ۽ رنگبرنگي بتين سان سينگاريو ويندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
31%
0.9m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون