تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

رستم ۾ قتل ٿيل پرائمري استاد جي قتل ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او قربان ککراڻي جي ملوث ھجڻ جو انڪشاف

- Advertisement -
رستم ۾ 23 سيپٽمبر تي قتل ٿيل پرائمري استاد جي قتل ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او قربان ککراڻي جي ملوث ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مقتول استاد صدام مھر جي والد گلزار علي مھر جي شڪايت تي آءِ جي سنڌ اڳوڻي ايس ايڇ او قربان ککراڻي خلاف جاچ ڪميٽي جوڙي ھئي. جاچ ڪميٽي جي آفيسرن عبدالقدوس ڪلوڙ ۽ ايس ايس پي سميع الله سومرو جاچ ۾ انڪشاف ڪيو آھي ته اڳوڻو ايس ايڇ او قربان ککراڻي جوابدار انجنيئر سعدخاناڻي، قلندرو سعدخاناڻي ۽ باشو سعدخاناڻي سان آگسٽ کان مسلسل رابطي ۾ هو ۽ ھُن 28 لک رپيا رشوت وٺي 23 سيپٽمبر تي پرائمري استاد کي رستم شھر ۾ قتل ڪرايو. جاچ ڪميٽي ۾ اھو به انڪشاف ٿيو آھي ته واقعي واري ڏينھن قربان ککراڻي شڪارپور ھجڻ جو بھانو ڪري جوابدارن کي پرائمري استاد بابت ايس ايم ايس ذريعي ڄاڻ فراھم ڪندو رھيو ۽ واقعي بعد کيس اطلاع به مليو پر هو شڪارپور ھجڻ جو جواز ڄاڻائي قتل واري هنڌ به نه آيو ھو. رپورٽ ۾ اھو به انڪشاف ڪيو ويو آھي ته مقتول استاد صدام مھر جي قاتل بشام سعدخاناڻي گرفتاري بعد ٿاڻي تي اعتراف ڪيو ته ايس ايچ او قربان ککراڻي صدام مھر کي قتل ڪرائڻ جا کائن 28 لک رپيا ورتا آھن ۽ بعد ۾ ھن الزام هنيو ته کانئس اھڙو بيان زبردستي ڏياريو ويو آھي. هوڏانهن جاچ ڪميٽي جي رپورٽ بعد مقتول جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته رستم ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او قربان ککراڻي کي گرفتار ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون