- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته روحانيت جو لباس پهري گهمندڙ بشريٰ بي بي حڪومتي فيصلا ڪيا، دنيا جا مئگزين ٻڌائي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ حڪومت جا فيصلا هڪ عورت ڪيا، پي ٽي آءِ باني جا سمورا معاشي ۽ سياسي فيصلا سندس گهر واري ڪيا، دي اڪنامسٽ جي رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي حقيقت کلي سامهون اچي وئي آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف باني وزيراعظم شهباز شريف تي ڪوڙ الزام هنيا هئا، عدالت ۾ پيش ٿي ڪري پي ٽي آءِ جي وڪيل جي سوالن جا جواب ڏنا، پرڏيهه ۾ ويٺل شخص کي لنڊن جي عدالت به ڪوڙو قرار ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني جيترا فيصلا ڪيا هئا، روحانيت جو لباس پهري سندس گهرواري ڪندي هئي، سمورا معاشي ۽ سياسي فيصلا بشريٰ بي بي ڪندي هئي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني 2017ع جي ڌرڻي دوران ڪوڙا الزام هنيا، تحريڪ انصاف باني، بشريٰ بي بي جي چوڻ تي حڪومتي فيصلا ڪندو هو، سندس سياست منافقت، ڪوڙ ۽ الزامن کانسواءِ ڪجهه نه هئي.
عطا تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، وانا ڪيڊٽ ڪاليج جو واقعو اي پي ايس پشاور کان وڏو سانحو ٿي سگهيو پئي.
هن چيو ته وانا ۾ پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪري پنج سئو کان وڌيڪ شاگردن کي بازياب ڪرايو، پاڪستان هميشه امن جو داعي آهي، هو هر دهشتگرد جو پيڇو ڪري رهيا آهن.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي سان سريلنڪن هائي ڪمشنر جا ٿورائتا آهن، ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
عطا تارڙ چيو ته ڪنهن جي پسند ۽ ناپسند سان فيصلا نه ٿيندا، ملڪ آئين ۽ قانون تحت هلي رهيو آهي- Advertisement -
