روس، ڊگهي مفاصلي تي مار ڪندڙ 10 آمريڪي ميزائل ڪيرائي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
روسي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته يوڪريني فوج رات دير سان ڪريميا تي ڏهه ڊگهي مفاصلي مار ڪندڙ ميزائل فائر ڪيا، جن کي ڪاميابيءَ سان ناڪام بڻايو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته ميزائل حملن کي ڪاميابيءَ سان تباهه ڪرڻ سبب ڪو به جاني يا ملي نقصان نه ٿيو.
روس موجب بيلگو روڊ تي 9 ڊرون حملا ۽ ٻيا پروجيڪٽائل تباهه ڪيا ويا، پنج ڊرون اٽيڪ ڪرسڪ ۽ 3 بريانسڪ وٽ تباهه ڪيا ويا آهن.
تباهه ڪيل ميزائل آمريڪا طرفان يوڪرين کي ڏنا ويا هئا، جنهن جي بائيڊن انتظاميا تصديق پڻ ڪئي هئي..