- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روسي صدر سان سندس خاص نمائندي اسٽيووٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر جي ملاقات سٺي رهي پر نتيجن بابت فلحال ڪجهه نٿو چئي سگھجي.
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته روسي صدر پيوٽن يوڪرين سان جاري جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو.
هن اها به دعوى ڪئي ته جيڪڏهن هو ان وقت صدر هجي ها ته اها جنگ شروع ئي نه ٿئي ها ۽ يوڪرين پنهنجو 100 سيڪڙو علائقو برقرار رکي ها.
اڳوڻي صدر بائيڊن تي تنقيد ڪندي امريڪي صدر ٽرمپ چيو ته بائيڊن دور جون پاليسيون امريڪي معيشيت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيون پر اڄ امريڪا دنيا جو پرڪشش ترين ملڪ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ دنيا ۾ 8 جنگيون روڪرايون جن مان پنج ٽيرف ذريعي بند ڪرايون.
واضع رهي ته روس يوڪرين امن عمل جي ڪوششن جي سلسلي ۾ ٽرمپ جو معاون اڄ ميامي ۾ يوڪريني وفد سان ملاقات ڪندو.
ياد رهي ته اربع ڏينهن صدر ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيووٽڪوف ۽ سندس ناٺي جيرڊ ڪشنر روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان 5 ڪلاڪ ڊگھي ملاقات ڪئي هئي…………
- Advertisement -
