تازه ترين

روسي صدر پيوٽن پاران يوڪرين جنگ جي خاتمي جي خواهش جو اظهار 

روسي صدر ولاديمير پيوٽن برڪس اجلاس کي خطاب ڪندي يوڪرين جنگ جي خاتمي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان جنگ جو اصل ذميوار اولهه ملڪن کي قرار ڏنو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي صدر ڏکڻ آفريقا ۾ ماري برڪس ملڪن جي سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ اولهه ملڪن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اولهه ملڪ ۽ سندن اتحادي ئي هئا جن يوڪرين جنگ مڙهي.

روسي صدر پهريون ڀيرو ڪنهن عالمي سطح جي اجلاس ۾ چيو ته هو يوڪرين جنگ کي هاڻ ختم ڪرڻ چاهين ٿا پر هـُن اهو نه ٻڌايو ته هو ڪهڙن شرطن تي ائين ڪرڻ چاهي ٿو.

روسي صدر جي يوڪرين جنگ جي خاتمي جو اشارو ان اڳڀرائي کان پوءِ سامهون آيو آهي جنهن وقت ڊنمارڪ ۽ هالينڊ يوڪرين جي صدر والاديمير زيلنسڪي کي ايف-16 جهاز فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون