تازه ترين

روس جو بچاءَ وارو نائب وزير تيمور ايوانوف رشوت وٺڻ جي شڪ ۾ گرفتار

- Advertisement -
روس جي بچاءَ واري نائب وزير تيمور ايوانوف کي رشوت وٺڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. روسي بچاءَ واري وزارت موجب، تيمور ايوانوف طرفان رشوت وٺڻ جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته روسي اختيارين اهو واضح ناهي ڪيو ته بچاءَ واري نائب وزير ڪنهن کان رشوت ورتي ۽ ڪيتري رقم ورتي. روسي اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتاري جو مطلب اهو آهي ته تيمور ايوانوف گهٽ ۾ گهٽ 10 لک روبل يعنيٰ لڳ ڀڳ 30 لک رپيا رشوت ورتي آهي، هن ڏوهه جي وڌ ۾ وڌ سزا 15 سال قيد آهي. 48 ورهين جي تيمور ايوانوف کي 2016ع ۾ صدارتي حڪم تي بچاءَ وارو نائب وزير مقرر ڪيو ويو هو، هن ان حيثيت ۾ ملٽري ڪنسٽرڪشن ڪمپليڪس جي تعمير نگراني به ڪئي هئي. فوربس ميگزين موجب، تيمور سائبرنيٽڪس ۽ نيو ڪليئر انڊسٽري سان لاڳاپيل معاملن جو ماهر آهي ۽ روس جي سيڪيورٽي اهلڪارن ۾ امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي. بچاءَ واري وزارت ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ  هو فيول، انرجي ڪمپنين ۽ ماسڪو جي علاقائي حڪومت سان لاڳاپيل هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون