تازه ترين

روس هلندڙ مهيني جي آخر ۾ برڪس سربراهي اجلاس کان اڳ اولهندي ملڪن جي سياسي  دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو متبادل جوڙين

- Advertisement -
هلندڙ سال برڪس گروپ جي سربراهي ڪندڙ روس پنهنجن ڀائيوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ برڪس سربراهي اجلاس کان اڳ اولهندي ملڪن جي سياسي  دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو متبادل جوڙين. برڪس ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين شامل آهن، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا، مصر، ايٿوپيا، ايران ۽ گڏيل امارات  کي شامل ڪرڻ لاءِ برڪس جو دائرو وڌايو ويو آهي. سعودي عرب کي ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي پر ان اڃا تائين ميمبرشپ حاصل نه ڪئي آهي. برڪس جا فنانس ۽ مرڪزي  بينڪ جا اعليٰ عملدار هلندڙ هفتي ماسڪو ۾ ملاقات ڪندا. اجلاس جي ميزباني ڪندڙ روسي ناڻي واري وزير انتون سلوانوف چيو آهي ته عالمي مالياتي نظام اولهندي ملڪن جي ڪنٽرول ۾ آهي، برڪس جيڪو عالمي معيشت جو 37 سيڪڙو نمائندگي ڪري ٿو، ان کي آءِ ايم ايف جو متبادل پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سلوانوف جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ برڪس ملڪن جي مفادن لاءِ ڪم نه ڪري رهيا آهن، ان ڪري نئون ادارو جوڙڻ ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
10 %
5.1kmh
0 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون