روس وڏو قدم کڻندي طالبان کي دهشتگردن جي لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
روسي خابرو اداري آر ٽي موجب روسي پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته طالبان کي دهشتگرد تنظيمن جي لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو اعليٰ سطح تي ڪيو ويو آهي.
روسي اختيارين موجب افغانستان جا اصل حڪمران داعش خلاف جنگ ۾ ڀائيوار بڻجي سگهن ٿا.
افغانستان بابت روسي صدر جي خاص نمائندي ضمير ڪابلوف ٻڌايو ته ان فيصلي کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف قانوني طريقي تان عمل ڪرڻ جي ضرورت پوندي.
هن چيو ته طالبان يقيني طور تي سندن دشمن ناهن، ايف ايس بي ۽ ٻين سان گڏجي طالبان جو نالو دهشتگردن جي لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.
سينيئر روسي سفارتڪار چيو ته ان مسئلي تي هڪ بنيادي فيصلو روسي قيادت اڳ ئي ڪري چڪي آهي، سموري قانوني طريقيڪار جي اجازت هجڻ گهرجي.
ڪابلوف چيو ته ان لاءِ وڪيلن، پارليامينٽ ۽ ٻين رياستي ادارن طرفان محتاط ڪم جي ضرورت پوندي، اميد ته قطعي فيصلي جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
ايف ايس بي جي سربراهه چيو ته روس طالبان کي بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ واري عمل کي قطعي شڪل ڏئي رهيو آهي.
روسي صدر ولادي مير پيوٽن هلندر سال جولاءِ ۾ چيو هو ته روس افغانستان جي طالبان تحريڪ کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجو اتحادي سمجهي ٿو.
افغانستان ۾ ٽي سال اڳ اقتدار ۾ آيل طالبان حڪومت کي اڃا تائين ڪنهن به ملڪ باضابطا طور تسليم ناهي پر چين ۽ گڏيل عرب رياستن طالبان جي سفيرن کي قبول ڪيو آهي.