تازه ترين

روس پاڪستان سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو:ڪامران خان ٽيسوري

- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته روس پاڪستان سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. گورنر هائوس ۾ روسي سفير ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات ڪئي. روسي سفير گورنر هائوس پهتو ته سندس اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ڪامران ٽيسوري ۽ روسي سفير پڻ جهنڊو ڦڙڪايو، ان موقعي تي روسي قونصليٽ جا نمائندا به موجود هئا. روسي سفير مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثرات به لکيا. گورنر سنڌ سان گڏ روس جي سفير قائداعظم گيلري جو دورو به ڪيو. ڪراچي جي مشهور برگر ۽ مٽڪي چانهن سان روسي سفير  جي مهمان نوازي ڪئي وئي. گورنر سنڌ چيو ته روسي سفير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. انشاءَ الله پاڪ روس دوستي تجارتي مٽاسٽا ۾ تبديل ٿيندي. هن چيو ته هن روس جي سفير کي صوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. گورنر ڪامران خان ٽيسوري روسي سفير ۽ قونصل جنرل کي ٽوپي ۽ شال پيش ڪئي. روس جي سفير وڻ پوکڻ جي مهم جي حصي طور گورنر هائوس ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
9 %
2.9kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون