روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
هڪ بيان ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته ڳالهيون 15 مئي تي ترڪيه ۾ ٿيڻ گھرجن ۽ ان ۾ ڪابه پيشگي شرط نه رکڻ گھرجي.
هن چيو روس مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو، پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ٻئي ڌريون سنجيدگي سان ڳالهين لاءِ تيار هجن.
ٻئي پاسي ترڪ اختيارين به ڳالهين جي ميزباني جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اهي هڪ ڀيرو ٻيهر روس-يوڪرين تڪرار جي پرامن حل لاءِ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن……….