روهڙي ۾ گهرو اڻبڻت سبب مڙس هٿان زخمي ٿيل گهرواري گمبٽ جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو
پنج ڏينهن اڳ نيو يارڊ ڪالوني ويجهو ڳوٺ مصري ساکاڻي ۾ گهرو اڻبڻت سبب گلبهار محمداڻي پنهنجي گهرواري حاجاڻي کي لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو.
حاجاڻي محمداڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
حاجاڻي محمداڻي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.