تازه ترين

روينيو عملدارن 45 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا

ملير جي روينيو عملدارن گڏاپ ۾ ڪارروائي ڪري 45 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا.

ڊپٽي ڪمشنر ملير جي اڳواڻي ۾ سب ڊويزن گڏاپ ۾ ڪارروائي ڪري 45 ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرايا ويا.

ڪارروائي ۾ اي سي گڏاپ عبداالمنان ڀٽي، مختيارڪار گڏاپ عبدالجليل بروهي ۽ مختيارڪار ڳوٺ آباد ملير عبدالعزيز جوڻيجي سميت اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ مقامي پوليس حصو ورتو.

ان موقعي تي ڊي سي ملير عرفان سلام ميرواڻي جو چوڻ هو ته ملير ضلعي ۾ سرڪاري زمينن قبضا ختم ڪرايا ويندا، قبضا خور ڀلي ڪيترا به بااثر هجن سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊي سي ملير عرفان سلام ميرواڻي چيو ته سرڪاري زمين تي لينڊ مافيا غيرقانوني طور فارم هائوس ٺاهيا هئا جن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
28 %
2.5kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
20 °
آچر
18 °
سُومر
18 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون