ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته رويو آف ججمينٽ ايڪٽ غير آئيني قرار ڏيڻ پارليامينٽ جي توهين آهي، نوازشريف سيپٽمبر ۾ واپس ايندو، سندس واپسيءَ ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته هاڻي نوازشريف کي مائنس ڪرڻ جي ڪوشش نظر نه پئي اچي.
هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي هاڻي ختم ٿي وئي آهي، سياستدانن کي هاڻي عوام آڏو پنهنجي سي وي پيش ڪرڻي پوندي.
جاويد لطيف چيو ته نوازشريف کانسواءِ 2017ع وارو پاڪستان ٺاهڻ ممڪن ناهي، هو سيپٽمبر جي وچ ۾ پاڪستان واپس ايندو، هن وقت سڀ کان وڏو اشو مقرر وقت تي اليڪشن ٿيڻ جو آهي، ن ليگ به چاهي ٿي ته چونڊون وقت تي ٿين.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته ڪنهن به سياسي شخصيت کي مائنس ڪرڻ کانسواءِ اليڪشن ٿئي ته سٺو آهي، نگران سيٽ اپ ۾ سياسي شخصيتن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي