رياست جا سربراهه ۽ مشهور سياسي شخصيتون جيڪي هوائي حادثن ۾ حياتيون وڃائي ويٺا.
ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي پنهنجي پرڏيهي وزير سميت 8 ساٿين سان گڏ ايران جي صوبي اوڀر آذربائيجان ۾ هيليڪاپٽر حادثي فوت ٿي ويو.
ايراني صدر جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيڻ ڪنهن رياست جي سربراهه، حڪومت جي سربراهه يا ڪنهن اهم سرڪاري شخصيت جو هوائ حادثي جو شڪار ٿيڻ پهريون واقعو ناهي، تاريخ ۾ اهڙا گهڻا ئي واقعا ٿي چڪا آهن.
هن فهرست ۾ هوائي حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿيلن ۾ ڪجهه اهم شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي،
ليخ ڪا چينسڪي
پولش صدر
هوائي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيل سربراهه رياست ۾ هڪ نالو پولش صدر ليخ ڪاچينسڪي جو به آهي،
10 اپريل 2010 تي پولش صدر پنهنجي وفد سان گڏ روس وڃي رهيو ته روس جي سمولنسڪ هوائي اڏي تي لينڊنگ وقت جهاز سان حادثو پيش آيو، ان حادثي ۾ پولش صدر سندس گهرواري ۽ وفد سميت 94 ماڻهو حادثي سبب اجل جو شڪار ٿي ويا هئا
ان وقت روسي وزيراعظم ولادميرپيوٽن جي سربراهي ۾ ٺهندڙ تحقيقاتي ڪميٽيءَ پائليٽ جي غلطي قرار ڏني هئي،
جنرل ضياالحق
صدر پاڪستان
هوائي حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿيڻ واري شخصيتن ۾ هڪ وڏو نالو اُن وقت جي صدر پاڪستان جنرل ضياالحق جو به آهي
17 آگسٽ 1988 ۾ جنرل ضياالحق پنهنجي 130 جهاز ۾ وڃي رهيو هو ته بهاولپور جي مفاسيلي تي دريا ستلج جي ويجهو ڪري جهاز تباهه ٿي ويو هو
جنرل ضياالحق سان گڏ جهاز ۾ جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل اختر عبدالرحمان ۽ پاڪستان ۾ امريڪي سفير آرنلڊ رافيل سميت 29 ماڻهو سوار هئا
سنجي گانڌهي
ڀارتي سياستدان
اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌهي جو پٽ سنجي گانڌهي 23 جون 1980 ۾ هوائي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو هو
سنجي گانڌهي جهاز پاڻ اڏائي رهيو ته دهلي جي صفدر جنگ ائيرپورٽ جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو،
رشيد ڪرامي
لبناني وزيراعظم
پهرين جون 1987 ۾ لبناني وزيراعظم رشيد ڪرامي هوائي اڏام دوران پنهنجي هيليڪاپٽر ۾ بم ڌهماڪي جي نتيجي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو هو،
ان حادثي ۾ صرف لبناني وزيراعظم اجل جو شڪار ٿيو هو، جڏهن ته هيليڪاپٽر ۾ سوار ٻئا ماڻهو زخمي ٿيا هئا
جنرل بپن راوت
ڀارتي چيف آف جنر اسٽاف
ڀارتي چيف آف جنرل اسٽاف بپن راوت 8 ڊسمبر 2021 ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيو هو،
ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ پيش ايندڙ ان واقعي ۾ جنرل بپن راوت ۽ سندس گهرواري سميت 13 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا
حڪومت طرفان ڪيل تحقيقات ۾ ٻڌايو ويو ته موسم ۾ اوچتو تبديلي سبب هيليڪاپٽر سان حادثو پيش آيو
عبدالسلام عارف
عراقي صدر
عراق جي ٻئي صدر عبدالسلام عارف 13 اپريل 1966 ۾ هوائي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيو هو، ان جو جهاز بصره جي ويجهو حادثي جو شڪار ٿيو هو
عبدالسلام عارف جي اجل جو شڪار ٿيڻ بعد ان جي ڀاءُ عبدالرحمان ملڪ جو صدر ٿيو هو،
داگ همارشولد
سيڪريٽري جنرل، اقوام متحده
اقوام متحده جي سيڪريٽري جنر داگ همارشولد 18 سيپٽمبر 1961 ۾ هوائي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيو هو
داگ همارشولد هڪ امن مشن تي ڪانگو ۾ هيو جتي ان جو گلس ڊي سي 6 جهاز تباهه ٿي هيو جنهن ۾ داگ همارشولد سميت 15 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا
رونلڊ برائون
امريڪي واپار وارو وزير
امريڪي صدر بل ڪلنٽن جي دور حڪومت ۾ آمريڪي واپار جو وزير رونلڊبرائون به هوائي حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيو هو
3 اپريل 1996 ۾ رونلڊبرائون سرڪاري دوري تي ڪروشيا وڃي رهيو هو ته ڪروشيا ۾ لينڊنگ دوران هن جهاز حادثي جو شڪار ٿيو
ان حادثي ۾ رونلڊبرائون سميت جهاز ۾ سوار 35 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا