تازه ترين

رياست ڪنهن ٽولي هٿان بليڪ ميل نه ٿيندي: طلال چوڌري

- Advertisement -
گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته رياست ڪنهن ٽولي هٿان بليڪ ميل نه ٿيندي، لاهور ۾ ٽي ايل پي جي ماڻهن کي روڪڻ مسئلو ناهي، طاقت جي گهٽ کان گهٽ استعمال جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طلال چوڌري چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر ڪنهن کي به ڏڦيڙ جي اجازت نه ڏني ويندي، ماضي شاهد آهي ته ٽي ايل پي، جٿي جي صورت ۾ قومي ملڪيتن تي حملا ڪيا، ٽولي جي سياست ۽ مطالبا مڃرائڻ جي هاڻي گنجائڻ ناهي. هن چيو ته غزا امن معاهدي تي خوشيون ملهايون پيون وڃن، فلسطينين شڪر جا سجدا ادا ڪيا، سڀ کان وڏي ڌر غزا جا ماڻهو آهن جيڪي خوش آهن، غزا جي ماڻهن جي نالي تي احتجاج ڇو ٿي رهيو آهي؟ طلال چوڌري چيو ته صوبائي حڪومتن سان رابطو آهي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته طاقت جي استعمال کانسواءِ ماڻهن کي روڪيو وڃي، حڪومت اهڙين ٽولين کي اڳتي وڌڻ جي اجازت نه ڏيندي. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪٿي کان رنڊڪ آهي ته اها شهرين کي  شرپسندن کان بچائڻ لاءِ آهي، قانون جي عملداري هوندي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون