تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

رينجرز جي ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي، 4 جوابدار گرفتار

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي علائقي ايف سي ايريا لياقت آباد ۾ رينجرز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي ڦر، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ منشيات وڪري جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ انس عرف شاني، سيد طاهر حسين عرف ضياءَ، محمد جاويد عرف چپٽا ۽ دانيال عرف ڪلر والا شامل آهن. رينجرز ترجمان موجب، جوابدارن وٽان وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ بنا لائسنس 30 بور پسٽل، گوليون، هڪ ڊمي پسٽل، 7 موبائل فون، موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته شروعاتي ڄاڻ موجب گرفتار جوابدار هڪ منظم ٽولي جو حصو آهي جيڪي ڪراچي جي علائقي ايف سي ايريا لياقت آباد ٽائون ۾ هٿيارن جي زور تي ڦر، منشيات وڪري، موٽرسائيڪل ۽ موبائل کسڻ جي وارداتن ۾ ملوث آهن. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدار عادي ڏوهاري آهن ۽ سندن خلاف شهر جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جوابدارن جي ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي هٿيارن ۽ ٻي سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون