تازه ترين

رينجرز ۽ پوليس اوٻاوڙي تعلقي جي رونتي واري ڪچي جي علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي دوران ڏوهارين جي ٿاڪن ۽ مورچن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو

رينجرز ۽ پوليس اوٻاوڙي تعلقي جي رونتي واري ڪچي جي علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي دوران ڏوهارين جي ٿاڪن ۽ مورچن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.

رينجرز ۽ پوليس طرفان ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڌاڙن، ڀنگ عيوض اغوا ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهربل جوابدار موريو شر ٽولي سان تعلق رکندڙ ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.

رينجرز ترجمان موجب ڪارروائي دوران جوابدارن گرفتاري کان بچڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڌاڙيل پنهنجا ٿاڪ ۽ مورچا ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن بعد موريو شر ٽولي جي ٿاڪن ۽ مورچن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان موجب موريو شر، ڏوهاري راحب شر ٽولي جيان عورتن کي ڍال طور استعمال ڪري ٿو.

رينجرز ترجمان جو چوڻ هو ته عوام ڌاڙيلن کي پناهه ڏيندڙ عنصرن ۽ ٻين بااثرن جي نشاندهي ڪري ۽ سنڌ کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻ ۾ سنڌ رينجرز جي مدد لاءِ رينجرز هيلپ لائن يا واٽس ايپ تي ايس ايم ايس ذريعي اطلاع ڪري، اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
5.4kmh
2 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون