تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

ريچارج پاڪستان پراجيڪٽ ذريعي پاڪستان جي گرين انفرا اسٽرڪچر جي نيٽ ورڪ کي ريچارج ڪرڻ سان ٻوڏ واري پاڻي جي رستن جي بحالي ٿيندي: ڊونلڊ بلوم

- Advertisement -
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته ريچارج پاڪستان پراجيڪٽ ذريعي پاڪستان جي گرين انفرا اسٽرڪچر جي نيٽ ورڪ کي ريچارج ڪرڻ سان ٻوڏ واري پاڻي جي رستن جي بحالي ٿيندي، ريچارج پاڪستان پراجڪيٽ سان 50 هزار هيڪڙ کان وڌيڪ ٻوڏ جو خطرو گهٽ ڪندو. اسلام آباد ۾ پاڪستان انسٽيٽويٽ فار پارليامينٽري سروسز  طرفان آمريڪا جي سهڪار سان تيار ڪيل ريچارج پاڪستان جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته ريچارج پاڪستان پر جوش موسمياتي قدم آهي جيڪو ٻوڏ جي مزاحمت کي مضبوط ڪندو ۽ پاڪستان جي ڪجهه انتهائي ڪمزور ڪميونٽيز ۾ پاڻيءَ جي حفاظت يقيني بڻائندو. هن چيو ته زمين ذريعي خاندانن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ، فصل آباد ڪرڻ ۽ چوپايو مال پالڻ لاءِ اهم آهي، بئٽري جيان زميني پاڻي زمين کي طاقت ڏي ٿو. آمريڪي سفير چيو ته موسمياتي بحران سبب قدرت بئٽري کي ري چارج ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي رهيو آهي، هو برسات جي پاڻي کي فلٽر ڪري ۽ زمين تي واپس آڻڻ واري فطرت جي صلاحيت کي بحال توڙي ٻيهر ٺاهي سگهجي ٿو. ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان جي گرين انفرااسٽرڪر  پراجيڪٽس جي نيٽ ورڪ کي ريچارج ڪرڻ سان ٻوڏ جي وهڪرن وارن رستن جي بحالي ٿيندي، ريچارج پاڪستان 50 هزار هيڪٽر کان وڌيڪ ٻوڏ جي خطرن کي گهٽ ڪري ڇڏيوندو ۽ 6 لک 87 هزار ماڻهن جي روزگار ۾ بهتري ايندي. آمريمي سفير چيو ته آمريڪا گرين ڪلائميٽ فنڊ کي 5 بلين ڊالر فراهم ڪيا آهن ۽ گڏجي گرين توانائي ۾ نئين سيڙپڪاري آڻي رهيا آهن ته جيئن پاڪستان کي 2030ع تائين  60 سيڪڙو گرين انرجي حاصل ڪرڻ جو حدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
32 %
3.9kmh
9 %
اڱارو
23 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون