قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته رِويو ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ سان نوازشريف جي ڪيس تي ڪو به فرق نه پوندو، پارلياميڻٽ جي اختيار ۾ عدالت جي بار بار مداخلت سٺي روايت ناهي، ان سان ادارا مضبوط نه پر ڪمزور ٿيندا.
خانگي ٽي وي چئلنج سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين ۾ طريقيڪار واضح آهي ته ادارا ڪيئن هلڻا آهن، عدالت جو ڪم ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ آهي.
هن چيو ته پارليامينٽ جي اختيار ۾ عدالت جي باربار مداخلت سٺي روايت ناهي، ان سان ادارا ڪمزور ٿيندا.
اعظم نذير تارڙ چيو ته تاثر وڃي ٿو ته پارليامينٽ جي غير موجودگيءَ جو فائدو ورتو ويو، اهو قانون بار ڪائونسلن ۽ بار ايسوسيئشنز جو پراڻو مطالبو هو.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته سمجهه کان ٻاهر آهي جنهن ڊاڪٽر کان شفا نه پئي ملي ان کان ئي ٻيو آپريشن ڪرائڻ جو چيو پيو وڃي، آئين چوي ٿو ته پنهنجي مرضي جو وڪيل رکي سگهجي ٿو