تازه ترين

زراعت جي ترقي لاءِ زراعت کاتي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته زراعت جي ترقي لاءِ زراعت کاتي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، ٻوڏ ۽ برساتن سبب سندن زرعي زمين جي پيداواري صلاحيت سخت متاثر ٿي آهي، هن سال موسمياتي تبديلين سبب خريف جي سيزن ۾ گرمي پد وڌيڪ هو، گرمي پد وڌيڪ هئڻ سبب ڪهڙن فصلن جي پيداوار وڌندي ۽ ڪهڙا فصل متاثر ٿيندا؟، زراعت کاتو گرمي جي فصلن تي اثر بابت تحقيق ڪري آبادگارن کي آگاهي ڏني وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ زراعت جي بهتري بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام خان شوري، سردار محمد بخش مهر، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته زراعت جي ترقي لاءِ زراعت کاتي کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي، ٻوڏ ۽ برساتن سبب سندن زرعي زمين جي پيداواري صلاحيت سخت متاثر ٿي آهي، هن سال موسمياتي تبديلين سبب خريف جي سيزن ۾ گرمي پد وڌيڪ هو.

سندس چوڻ هو ته گرمي پد وڌيڪ هئڻ سبب ڪهڙن فصلن جي پيداوار وڌندي ۽ ڪهڙا فصل متاثر ٿيندا؟، زراعت کاتو گرمي جي فصلن تي اثر بابت تحقيق ڪري آبادگارن کي آگاهي ڏني وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو چاهي ٿو ته آبادگارن کي زمين جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ به آگاهي ڏني وڃي، پاڻي جي نيڪال جي پراڻن قدرتي لنگهن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ايل بي او ڊي جا سمورا پراڻا رستا بحال ڪيا آهن، زمينن کي نقصان نه ٿيندو.

زراعت واري سيڪريٽري، وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت ساريالي ۽ ڪمند جي فصل جي پوکي ٿي رهي آهي.

صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته سنڌ حڪومت درياهه جي ليفٽ بينڪ تي ساريالي فصل جي پوکي تي پابندي لڳائي آهي، ليفٽ بينڪ جي 13 ضلعن ۾ ساريالي فصل تي پابندي سبب زمين بهتر ٿي رهي آهي.

وڏي وزير، زراعت کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته آبادگارن کي ڪيش ڪراپ بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي، سنڌ ۾ ننڍن 12 ايڪڙن وارن آبادگارن جو انگ وڌيڪ آهي، ننڍا آبادگار خريف ۾ سبزيون پوکين ته سٺو منافعو ڪمائيندا.

هن چيو ته خريف ۾ ٽماٽا، توري، کيرا ۽ واڱڻ ٿيندا آهن، انهن جي مارڪيٽ ۾ سٺي قيمت هوندي آهي، سنڌ سرڪار جي پاليسي آهي ته زرعي پيداوار وڌي ۽ هاري خوشحال ٿين.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ننڍن آبادگارن جا مسئلا حل ٿيندا ته سندن معاشي حالتون بهتر ٿينديون، زراعت جي بهتري لاءِ زراعت کاتو پنهنجي رپورٽ تيار ڪري……..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون