سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، هن سال وفاقي بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ خاص مراعتون تجويز ڪيون آهن.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پهرين عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچرل نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
گورنر ڪامران ٽسوري نمائش جي مختلف اسٽالن جو دورو به ڪيو.
ان موقعي تي سيڪريٽري ڪامرس محمد احمد فاروقي ۽ ٽڊاپ چيئرمين زبير موتي والا به موجود هو.
ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته پهرين عالمي فوڊ اينڊ ايگريڪلچرل نمائش ڪرائڻ سٺو سنوڻ آهي، هو سڄي دنيا مان آيل 6 سئو کان وڌيڪ نمائندن کي ڀليڪار چئي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت ملڪي معيشيت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، هن سال وفاقي بجيٽ ۾ زرعي شعبي لاءِ خاص مراعتون تجويز ڪيون آهن جنهن ۾ ٻج گهرائڻ تي ڊيوٽي کان ڇوٽ ۽ ڪمبائن هارويسٽر تي سيلز ٽيڪس جو خاتمو شامل آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته دنيا ۾ پاڪستان چانور جي پيداوار ۾ ڏهين، ڪڻڪ ۾ 8، انبن ۾ چوٿين ۽ کجي ۾ ڇهين ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پنجين نمبر تي آهي.
سندس چوڻ هو ته سندن زرعي شيون ٻاهر اماڻڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو گذريل ڏهن سالن ۾ ٻيڻو اضافو آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته حڪومت واپاري ڀائيوارن لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي.