تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف زرعي ٽيڪس کي وقت جي ضرورت قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، چئني صوبن وفاق سان گڏجي ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ فيصلا ڪيا آهن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  سموري ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم شروع ٿي چڪي آهي،  پوليو جو مرض ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن،  جمروت ۾ پوليو ٽيم تي حملو افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته  ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا مذمت جوڳا آهن،  سڪيورٽي فورسز بهادري سان وڙهندي  23دهشتگردن کي ماريو آهي،  جڏهن ته دهشتگردن سان وڙهندي 18 جوان شهيد ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته جوانن جي ملڪ لاءِ قرباني جي جذبي ۽ مضبوط عزم جي سموري قوم تعريف ڪري رهي آهي، ملڪ ۽ قوم لاءِ قربانيون ڏيندڙ قوم جا هيرو آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج ۽ قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. هن چيو ته نئين سال جي شروعات تي مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ ٿي آهي،  جنوري 2025ع ۾ مهانگائي نون سالن جي گهٽ ترين سطح تي رڪارڊ ٿيڻ جي آجيان ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته جنوري 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 2 ڏهائي پنج سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيڻ نهايت سٺو سنوڻ آهي،  کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهن کي رليف ملي رهيو آهي،  معاشي استحڪام کانپوءِ پاڪستان معاشي ترقي طرف وڌي رهيو  آهي. هن چيو ته سڀاڻي ڪشميرين سان ٻڌيءَ جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو،  آزادي تحريڪ ۾ ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب پاڪستان جو ڀاءُ ملڪ آهي، سعودي عرب جي خاص وفد پاڪستان جو دورو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  سعودي عرب  تيل گهرائڻ تي هڪ سال لاءِ هڪ ڏهائي 2 ارب ڊالر  ملتوي ادائگي جي سهولت فراهم ڪئي،  جنهن تي سندن ٿورائتا آهن. هن چيو ته زرعي ٽيڪس سنڌ ۽ بلوچستان منظور ڪئي آهي،  زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي جنهن جو دائرو ٻين صوبن تائين وڌايو ويندو. سندس چوڻ هو ته چئني صوبن وفاق سان گڏجي ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ فيصلا ڪيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رمضان مهيني جي آمد آهي، فوڊ سڪيورٽي جي وزارت جي ذميواري  آهي. هن چيو ته هلندڙ سال رمضان جي مهيني دوران يوٽيلٽي اسٽورن کانسواءِ  رمضان پئيڪيج آندو ويندو ته جيئن ڪرپشن نه ٿي، هاڻي اهو معاملو يوٽيلٽي اسٽورن سان هلڻ ممڪن ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون