سئي گيس ۾ مبينا طور قتل ٿيل شاگرد اشفاق شر جي وارثن انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
حيدرآباد جي نسيم شاپنگ مال واري علائقي ۾ ھڪ سال اڳ مبينا طور قتل ٿيل شاگرد اشفاق شر جي ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگھي .
مقتول شاگرد اشفاق شر جي پيءُ استاد مشتاق شر سنڌ ٽي وي نيوز آفيس پهچي احتجاج ڪيو .
احتجاج ڪندي استاد مشتاق شر چيو ته نوجوان پٽ جي قتل کي ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود حيدرآباد پوليس ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي حاصل ناھي ڪري سگھي.
هن چيو ته پوليس نوجوان پٽ جي قاتلن جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، هو ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آھي. احتجاج ڪندڙ مشتاق شر چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوجوان پٽ جي قتل جي جاچ سي ٽي ڊي کان ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي .