تازه ترين

سئي گيس ۾ اشفاق شر جي وارثن انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سئي گيس ۾ مبينا طور قتل ٿيل شاگرد اشفاق شر جي وارثن انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

حيدرآباد جي نسيم شاپنگ مال  واري علائقي ۾ ھڪ سال اڳ مبينا طور قتل ٿيل شاگرد اشفاق شر جي ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگھي .

مقتول شاگرد اشفاق شر جي پيءُ استاد مشتاق شر سنڌ ٽي وي نيوز آفيس پهچي احتجاج ڪيو .

احتجاج ڪندي استاد مشتاق شر چيو ته نوجوان پٽ جي قتل کي ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود حيدرآباد پوليس ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي حاصل ناھي ڪري سگھي.

هن چيو ته پوليس نوجوان پٽ جي قاتلن جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، هو ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آھي. احتجاج ڪندڙ مشتاق شر چيف جسٽس آف پاڪستان  ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوجوان پٽ جي قتل جي جاچ سي ٽي ڊي کان ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي .

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
36 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون