تازه ترين

سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، خاص عدالت فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ايندڙ هفتي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي خاص عدالت ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمدود قريشي عدالت ۾ پيش ٿيا.

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عدالتي حڪم موجب ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

گذريل ٻڌڻي تي چالان جون ڪاپيون پيش نه ٿيڻ سبب فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، اڄوڪي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي چالان جو ڪاپيون ڏنيون ويون.

عدالت جيل ٽرائل خلاف شاهه محمود قريشي جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون