تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سال 2026ع ملڪ ۾ مفاهمت، استحڪام ۽ قومي اعتماد جي نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قوم کي نئين سال جي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته سال 2026ع ملڪ ۾ مفاهمت، استحڪام ۽ قومي اعتماد جي نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو. نئين سال جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۽ قوم لاءِ هڪ پراميد نئين سال 2026ع جي دعا ڪئي. سندس چوڻ هو ته سال 2026ع ملڪ ۾ مفاهمت، استحڪام ۽ قومي اعتماد جي نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو. پ پ چيئرمين چيو ته 2025ع آزمائشن سان ڀريل هو، پر ان سندن قومي اتحاد ۽ حوصلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو، مئي ۾ پاڪ فوج پاڪ ڀارت جنگ دوران دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ فوج جي هن ڪاميابي قومي خودمختاري جو تحفظ ڪيو، عوام ۽ سندن سرحدن جي نگهبانن وچ ۾ اعتماد جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو، نئون سال ڳالهين، مفاهمت ۽ زخمن جي ازالي لاءِ وقف هئڻ گهرجي. هن چيو ته سياسي استحڪام ئي معاشي بحالي، ترقي ۽ عوامي ڀلائي جو بنياد آهي، قومون ان وقت اڳتي وڌنديون آهن جڏهن اختلافن کي جمهوري ادارن ذريعي حل ڪيو وڃي. پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ سماجي انصاف بابت پيپلزپارٽي عزم سان گڏ بيٺل آهي، پ پ اڄ به قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير جي ويزن تي ڪاربند آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائد عوام شهيد ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن عوامي اختيار، انساني وقار ۽ برابري تي ٻڌل آهي، يقين آهي ته هن سال اتحاد ۽ اجتماعي عزم ذريعي پاڪستان هڪ پرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته مستقبل طرف تيزي سان وڌندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون