- Advertisement -
ساٿ فورم ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿڀري قتل جي مذمت ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
سائوٿ ايشينز اَگينسٽ ٽيررازم اينڊ فار هيومن رائٽس جمهوريت جي حامين جو هڪ گروپ آهي، جنهن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل جي مذمت ڪئي.
ساٿ فورم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي توهين مذهب جي ڪوڙي الزام بعد جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته مڇريل ماڻهن جي هڪ ميڙ ڏينهن ڏٺي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي مڙهه جي بي حرمتي ڪندي ان کي باهه ڏئي ڇڏي، اهو عمل خطي ۾ تشدد جي وڌندڙ خطري کي ظاهر ڪري ٿو.
ساٿ فورم چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو وحشياڻو قتل ملڪ ۾ بنياد پرستيءَ جي وڌندڙ لاڙن جو حصو ۽ سنڌ ۾ صدين کان قائم پيار، امن ڀائيچاري جي قدرن کي ختم ڪرڻ جي سازش آهي.
ساٿ فورم ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان ۽ سول سوسائٽي جي دليراڻي مزاحمت جي تعريف ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس آفيسرن خلاف عدالت کان مٿڀري قتل جو ڪيس داخل ٿيو، اهو عمل ظلم باوجود ڏوهارين کي جوابده قرار ڏيارڻ ۾ سول سوسائٽي جي مزاحمت کي ظاهر ڪري ٿو.
ساٿ فورم بيان ۾ چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل انساني حقن جو مسئلو آهي، متاثر ڪٽنب سان انصاف ڪيو وڃي، سمورن شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي.
ساٿ فورم عالمي تنظيمن، حڪومتن ۽ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي.- Advertisement -
