ڳوٺ در محمد ۾ براهماڻي بردادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.