تازه ترين

سرحدي خطرن باوجود اليڪشن ۾ دير جو امڪان نظر نه ٿو اچي: نگران وزيراعظم انوار الحق

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته سرحدي خطرن باوجود اليڪشن ۾ دير جو امڪان نظر نه ٿو اچي، پاڪستان ۾ ڪنهن جو به نالو وٺڻ تي پابندي ناهي، جلد اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندي.

آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان کي اولهه ۽ اوڀر واري محاذ تي خطرا آهن.

هن چيو ته امن امان جي صورتحال سبب عام چونڊن ۾ دير جو امڪان ناهي، پر يقين آهي ته سرحدي خطرن تي به جلد ضابطو آندو ويندو ۽ بنا رنڊڪ چونڊون ڪرايون وينديون.

هڪ سوال جي جواب ۾ انوارالحق چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل ۾ پراڻو آهي، ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، ڪشمير هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جون ڪي به ڀڃڪڙيون ناهن، جيڪي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاليسي سبب ڪيون پيون وڃن.

ميڊيا جي آزاديءَ بابت سوال جي جواب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن جو به نالو وٺڻ تي پابندي ناهي، پاڪستان ۾ اظهار جي آزاديءَ جو جيڪڏهن بهترين نه ته به بهتر ضرور آهي..

هن چيو ته ڪجهه آئيني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، تڪبنديون ٿيڻيون آهن، جلد اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندي.

نگران وزيراعظم چيو ته صدر طرفان چونڊن جي تاريخ تي نگران حڪومت جو اعتراض نه ٿو ٺهي، پر هو وري به واضح ٿو ڪري ته اهو اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون