- Advertisement -
سنڌ ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ استادن ۽ ماسترياڻين جي بدلين توڙي مقررين ۾ بي ضابطگين جو صوبائي وزير سردار شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
تعليم واري وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ استادن کي رشوت نه ڏيڻ عيوض 50 ڪلوميٽر پري بدلي ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو.
اجلاس دوران صوبائي وزير سردار شاهه سيڪريٽري تعليم جي سامھون ڊي اي اوز کي ڇنڊ پٽي.
سردار شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نااهل ضلعي ۽ تعلقي تعليمي عملدارن جي بدترين ڪارڪردگي تي شرم اچي رهيو آهي.
هن چيو ته سرڪاري استاد 50 هزار کان مٿي پگهار کڻن ٿا، خانگي استاد 8 کان 10 هزارن ۾ پڙهائن ٿا، پر ڪارڪردگي ۾ وڏو فرق آهي.
صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته فرق اهو آهي جو هوڏانهن گهٽ پگهار ۾ اونر شپ آهي پر وٽن ڪو مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هاڻ اهو طريقو ۽ ايئن ڪم نه هلندو.
هن عملدارن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته 2700 اسڪول 30 ضلعن ۾ ورهايو ته اوهان جي نااهلي چٽي طرح ڏسجي پئي، اوھان پيپر ورڪ ڪرڻ بجاءِ ڪلارڪن جي لسٽن تي پيا بدلين جا پرپوزل موڪليو.
صوبائي وزير چيو ته عملدارن نااهلي جي انتها ڪري ڇڏي آهي، استاد 50 ڪلو ميٽر پري ڪيئن پهچندو ۽ اسڪول ڪيئن وقت سان کلندا.
صوبائي وزير تعليم کاتي جو ڪامورن کي هدايت ڪئي ته پنھنجو قبلو درست ڪيو، ٻي صورت ۾ اوهان کي گھر موڪليو ويندو.
ھڪ ھفتو اڳ سيڪريٽري ۽ ڊي اي اوز جي موڪليل پروپوزل تحت صوبي جي چار ھزار کان وڌيڪ نون ڀرتين ٿيل استادن جون بدليون ڪيون ويون هيون.
بدلي ڪيل نوان ڀرتي ٿيل جي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽيز استاد هئا جن جون بدليون ڪيو ويون ھيون..- Advertisement -
