تازه ترين

سرهاڙي ويجهو هزاره ايڪسپريس حادثي کي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ٽرين جو ملبو حادثي واري هنڌ پيل

سرهاڙي ويجهو هزاره ايڪسپريس حادثي کي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ٽرين جو ملبو حادثي واري هنڌ پيل آهي ۽ ٽرينون 5 ڪلو ميٽر جي رفتار سان گذري رهيون آهن.

آچر ڏينهن ڪراچي کان حويليان ويندڙ هزارا ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهڻ سبب 30 مسافر فوت ۽ هڪ سئو کان ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.

ٽرين حادثي بعد سڀ کان پھرين مقامي ماڻھن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٻاھر ڪڍندا رھيا ۽ بچي ويل مسافرن لاءِ ذاتي خرچ ڪري کاڌ خوراڪ جون شيون پھچايون.

سرهاڙي واسين ڪيترن ئي مسافرن کي پنهنجي گاڏين ذريعي منزل تي پهچايو جڏهن ته واقعي واري جاءِ تي سرڪاري عملدار ۽ ٻيو ٽيمون ڪيترائي ڪلاڪ دير سان پهتا.

حادثي واري جاءِ تي فوج ۽ رينجرز ايمبولينسز سان گڏ پهتيون.

ريلوي واري وزير به سرهاڙي واسين جي همت ۽ جذبي کي ساراهيو حادثي بعد 35 ڪلاڪن بعد اپ ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو.

5 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اپ ٽريڪ جو مرمتي ڪم سست رفتاري سان جاري آهي جڏهن ته هزاره ايڪسپريس جون پٽڙي تان لٿل بوگيون حادثي واري هنڌ ٽڙيل پکڙيل آهن  ۽ حادثي واري هنڌ ٽرينون 5 ڪلوميٽرن جي رفتار سان گذري رهيون آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون