- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته سعودي ڪمپنين جي وفد جو دورو ٻنهي ملڪن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو، هو معاشي استحڪام لاءِ ملڪ ۾ سيڙپڪاري چاهن ٿا.
وزيراعظم طرفان سعودي وفد جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سيڙپڪارن توڙي ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي.
آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته سعودي عرب ستن ڏهاڪن کان پاڪستان جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، سعودي عرب تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شمال آهي.
هن چيو ته زراعت، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سعودي عرب ترقي ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته سعودي عرب نوڪرين جي موقعن بابت اهم ملڪن ۾ شامل آهي، سعودي سيڙپڪارن جو دورو ڪامياب بڻائڻ ۾ هو آرمي چيف جو ٿورائتو آهي.
وزيراعظم چيو ته سعودي سيڙپڪارن ۽ پاليسي سازن جو وفد پاڪستان آيل آهي، سعوديءَ هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو.
شهبازشريف چيو ته سعودي ڪمپنين جي وفد جو دورو پاڪستان ۽ سعودي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، سعودي ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو وٺن.
وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هر سطح تي مدد لاءِ تيار آهي.- Advertisement -
