- Advertisement -
سعودي عرب سميت نار ملڪن ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو، عيد الاضحيٰ سورهن جون تي ٿيندي جڏهن ته پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.
سعودي ميڊيا طرفان سپريم ڪورٽ طرفان اعلان ڪيو ويو ته ملڪ جي مختلف هنڌن تان ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون آهن.
بيان ۾ چيو ويو پهرين ذوالحج جمعي ڏينهن ٿيندي ۽ عيد سورهن جون تي ملهائي ويندي.
سعودي عرب هن ڀيري سڄي دنيا مان حاجين جي رڪارڊ انگ اچڻ سبب خاص انتظام ڪيا آهن، عرفات ۾ گرمي جي شدت گهٽ ڪرڻ لاءِ روڊن تي اڇو رنگ به ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿيندو.- Advertisement -
