- Advertisement -
سعودي عرب عمرو ڪندڙن لاءِ مختلف بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين لازمي قرار ڏني آهي.
سودي سول ايوي ايشن گاڪا جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عمرو ڪندڙن لاءِ سموري ضروري ويڪسينيشن ۽ احتياطي اپاءَ لازمي هوندا.
نوٽيفڪيشن ۾ مسافرن کي صحت، دستاويز، ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ گڏ آڻن جي هدايت ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي دنيا ۾ ايندڙ پانڌيئڙن لاءِ ميننجائٽس ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي، سعودي پهچندڙن کي ويڪسين سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو پوندو.
نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان، نائيجيريا، افغانستان ۽ ٻين متاثر ملڪن کان ايندڙ مسافرن لاءِ پوليو ويڪسين لازمي هوندي، جڏهن ته انگولا، نائيجيريا، برازيل ۽ ڪانگو جي مسافرن لاءِ مدي جي بخار جي ويڪسين لازمي هوندي…………- Advertisement -
