- Advertisement -
سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سميت نار جي ملڪن ۾ عيدالضحى مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي.
سعودي عرب ۾ مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي سميت 12 هزار کان وڌيڪ مسجدن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا.
لکين پاڪستانين سميت لکين ماڻهن عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي.
مسجد الحرام ۾ شيخ عبدالرحمان السديس عيد نماز جي امامت ڪئي ۽ خطبو ڏنو.
عيد جي خطبي ۾ قرباني جي فضيلت تي روشني وڌي ۽ مسلمانن کي ايثار ۽ قرباني سان گڏوگڏ الله پاڪ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سعودي عرب جي 12 هزار کان وڌيڪ ننڍين ۽ وڏين مسجدن ۾ عيد الاضحيٰ جي نماز جا اجتماع به ٿيا جن ۾ سعودي شهرين، پاڪستانين ۽ پرڏيهي شهرين شرڪت ڪئي.
نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ماحول عيد جي تڪبيرن جي ورد ۽ الله اڪبر جي نعرن سان گونجي اٿيو.
ان موقعي تي اسلام جي سربلندي، امت مسلمه جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، عيد نماز جي اجتماعن کانپوءِ سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني ڪئي پئي وڃي.
افغانستان ۾ به عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي، افغان شهرين عيد جي نماز ادا ڪئي.
يورپ ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن ۾ هن ڀيري به 2 عيدون ملهايون وينديون……..- Advertisement -
