تازه ترين

سعودي عرب ۾ جده سيزن، ناليوارن پاڪستاني فنڪارن جي شاندار پرفارمنس ڏئي پاڪستاني ڪميونٽي ۽ ٻين پرڏيهين جون دليون کٽي ورتيون

- Advertisement -
سعودي عرب ۾ جده سيزن پنهنجي عروج تي آهي، جنهن ۾ ناليوارن پاڪستاني فنڪارن جي شاندار پرفارمنس پاڪستاني ڪميونٽي ۽ ٻين پرڏيهين جون دليون کٽي ورتيون آهن. سعودي عرب ۾ جده سيزن جي ميزباني هيٺ ايشين نائٽس پاران پاڪستاني ۽ انڊونيشي ثقافتي ميوزڪ پروگرام ڪوٺايو ويو. ميوزڪ پروگرام ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته پاڪستاني سفارتي آفيسرن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي فنڪارن پنهنجي آواز جو جادو جڳايو. پاڪستان پاران آئمه بيگ، بلال سعيد ربيڪا خان ۽ ٻين گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته نوجوان رقص ڪندا رهيا. ميوزيڪل نائيٽ ۾ پاڪستاني علاقائي رنگن تي ٻڌل ڊانس پڻ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته انڊونيشي ڳائڻي ليڊي رارا پڻ انڊونيشين ۽ پاڪستاني گانا ڳايا. ان موقعي تي پاڪستاني شوقينن سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو ته سعودي عرب ۾ لکين پرڏيهي رهن ٿا، جن کي ثقافت کي پيش ڪري ماڻهن کي تفريح جو بهتر موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون