تازه ترين

سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني  ۾قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو

سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني  ۾قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو.

رياض ۾ قائم  پاڪستاني سفارتخاني ۾      76هين آزادي جي ڏهاڙي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي جوانن ۽ سفارتي آفيسرن شرڪت ڪئي.

سعودي ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد فاروق قومي تراني جي ڌن تي قومي جهنڊو بلند ڪيو، جنهن دوران پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ويا.

تقريب کي خطاب ڪندي احمد فاروق چيو ته پاڪستان جي ترقي  ۽ خوشحالي لاءِ کين گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ هن وقت معاشي ڏکيائين جو شڪار آهي، ان ڪري قوم کي هڪ ٿي اڳتي وڌڻو پوندو.

آخر ۾ پاڪستاني سفير پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ جشن آزاديءَ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون