وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان گذريل ڏينهن انتهائي فائديمند ملاقات ٿي، پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا.
رياض ۾ سعودي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ صلاحڪار شاهي ديوان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اهو پاڪستان سان مالياتي معاملن ۽ معاهدن ۾ سهڪار ڪرڻ تي سعودي ولي عهد جو ٿورائتو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي اڳتي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندا.
هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سعودي ولي عهد جو ويزنري پلان آهي، جنهن کي خطاب ڪرڻ جو موقعو مليو، سعودي عرب جي ضرورت موجب هنرمند افرادي قوت فراهم ڪندا.
ان موقعي تي سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس وفد جي ميزباني ڪرڻ فخر جي ڳالهه آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات نتيجو ڏيندڙ رهي.
سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعودي عرب لکين پاڪستانين جو ٻيو گهر آهي، شهباز شريف ڪانفرنس کي خطاب ۾ پاڪستان حڪومت جو ويزن پيش ڪيو.
سعودي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ڀائيواري کي مضبوط ڪري رهيا آهن، طئي ٿيل معاهدن تحت سيڙپڪاري جو ڪاٿو 2 ڏهائي 8 بلين ڊالر ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ 27 معاهدن مان 5 معاهدن تي عمل ٿي چڪو آهي