- Advertisement -
سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل سان امريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.
سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي ۽ امريڪي پرڏيهي وزير وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزير لبنان جي صورتحال ۽ ان بابت ڪيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون.
ان کان اڳ رياض ۾ سعودي پرڏيهي وزير فرانسيسي هم منصب جين نويل باروٽ سان به ملاقات ڪئي.
سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي ۽ فرانسيسي پرڏيهي وزير به لبنان جي صورتحال ۽ جنگ بندي جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي………..- Advertisement -
