تازه ترين

سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جون صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقاتون

- Advertisement -
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط ڀائيواري قائم ڪرڻ، اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان وفد سميت صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. شهزادي فيصل بن فرحان آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن ۾ جٽادار اسٽريٽجڪ نوعيت جي لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي زور ڀريو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستاني عوام پنهنجي سعودي ڀائرن لاءِ خاص عقيدت ۽ محبت جا جذبا رکي ٿو. ان کان اڳ سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان وفد سميت وفد سميت صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهرا ۽ ڪيترائي پراڻا لاڳاپا آهن. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان سعودي عرب سان موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو، اسلامي دنيا جي خوشحالي سعودي عرب جي ترقي سان لاڳاپيل آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان وزيراعظم هائوس ۾ وفد سميت ملاقات ڪئي، پاڪ-سعودي وچ ۾ سپريم ڪو آرڊينيشن ڪائونسل جي پليٽ فارم تان گهڻ رخي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو آهي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ علائقائي سلامتي ۽ وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس اسلام آباد پهچي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سعودي جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود جي وفد سميت پاڪستان آمد تي آجيان ڪئي ۽ سعودي قيادت، حرمين شريفين جي سرپرست اعليٰ حضرت سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ شهزادي محمد بن سلمان السعود لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو مثال نه ٿو، سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته سعودي وفد جو عيد الفطر کان فوري پوءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي، اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽريٽجڪ ۽ تجارتي ڀائيواري جي نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ برادر ملڪن سان ڀائيواري کي گڏيل طور فائديمند بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب طرفان سيڙپڪاري وڌائڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي اهم ڪردار ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن ادارن جي سهڪار کان پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ فلسطين جي والاريل علائقن جي خراب صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون