قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي اليڪشن وڙهڻ تي بحث ٿي سگهي ٿو، سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي پارٽين سان هن معاملي تي ڳالهائين، سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پارليامينٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت به ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جي پهرين سمنڊ پار پاڪستانين جو ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، جنهن جي افتتاحي سيڪشن ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ، طارق فضل، چوڌري سالڪ، امير مقام ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اياز صادق ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، ڪنوينشن ۾ شرڪت تي سندن ٿورائتو آهي.
هن چيو ته ڪنوينشن جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن جو حل ڳولڻ آهي، ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستاني هر ملڪ ۾ حقيقي سفير آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني هر ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي پاڻ مڃائي سگهن ٿا،
اياز صادق چيو ته سڀني سياسي پارٽين کي ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ تي بحث ڪرڻ گهرجي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي حوالو هنڊي بدران بينڪن ذريعي پئسا موڪلڻ گهرجن.
هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب ۽ يو اي اِي سميت ڪجهه پاڪستاني سفارتخانن تي تمام گهڻي رش آهي، جنهن لاءِ کين پيپر ليس ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ گهرجي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بينڪ، نادرا، گهرو ۽ پرڏيهي معاملن جو گڏيل فورم هجڻ گهرجي، جنهن جي ذريعي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.
اسپيڪر جو چوڻ هو ته هو صوبائي حڪومتن سان به ان تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني سندن ڪل امپورٽ کان وڌيڪ ڊالر ملڪ موڪليندا آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪيتن تي قبضو ڪندڙ عنصرن کي سخت سزا ڏني وڃي.
اياز صادق چيو ته هر پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني جو دل پنهنجي وطن لاءِ ڌڙڪندو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن جي تحفظ لاءِ صوبن سان گڏجي قانون سازي ڪرڻي پوندي.
اسپيڪر جو چوڻ هو ته سمنڊ پار پاڪستانين جا گهڻا ئي مسئلا فوري طور تي حل ٿي سگهن ٿا، جن لاءِ گهڻيون سهولتون آن لائن هجڻ گهرجن.
هن چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽر تمام گهڻا قابل آهن، جنهن حڪومت کي هيلٿ ٽوئرزم کي هٿي ڏيارڻي پوندي.
اسپيڪر اياز صادق چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي خدمت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو، پارليامينٽ جو هر ميمبر سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.