تازه ترين

سمورين سياسي پارٽين جو نشان بيلٽ  پيپر تي هئڻ گهرجي: خواجه سعد رفيق

مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين جو نشان بيلٽ  پيپر تي هئڻ گهرجي، ڪنهن پارٽي جي چونڊ وڙهڻ تي پابندي نه لڳائي وڃي، ملڪي استحڪام لاءِ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي ضروري آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته نواز شريف سياسي سرگرميون اڄ کان شروع ڪري ڇڏيون آهن، ن ليگ جي قيادت ۽ اڳواڻن ڏکيائين کي منهن ڏنو.

سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ ن ليگ خلاف سازش ڪئي وئي، سمورين سياسي پارٽين جو نشان بيلٽ  پيپر تي هئڻ گهرجي، عام چونڊن ۾ هر سياسي پارٽي کي حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي.

مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو ته اڄ بلوچستان ۽ سنڌ جي سياسي معاملن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، سڀاڻي پنجاب صوبي جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.

هن چيو ته هو انتقام جي نه ملڪ جي بهتري لاءِ سياست ڪري رهيا آهن، غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي واپس وڃڻ گهرجي.

مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو ته غيرقانوني طور ترسيل ماڻهو سندن سڪيورٽي لاءِ مسئلو آهن، ملڪي استحڪام لاءِ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي ضروري آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون