- Advertisement -
ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۾ اتفاق کانسواءِ آئين ۾ ترميم ممڪن ناهي، گرين لائن منصوبو ڪراچي لاءِ نواز شريف جو تحفو آهي، ڪي فور رٿا لاءِ به رقم جاري ڪئي ويندي.
ڪراچيءَ ۾ گرين لائن منصوبي جي دوري دوران صوبائي وزير ڄام خان شوريَ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته آئين ۾ تبديليءَ لاءِ حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هوندي آهي، ان لاءِ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ويهن ٿيون.
هن چيو ته آئيني ترميم کان اڳ ان تي ڳالهائڻ مناسب ناهي، اتفاقِ راءِ پيدا ٿي وڃي ته ترميم ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهندي.
احسن اقبال چيو ته سکر کان حيدرآباد موٽر وي هو پنهنجي دور ۾ ئي مڪمل ڪندا، اهو ترجيحي منصوبو آهي، ڪوئيٽا چمن کان ڪراچي شاهراهه کي به ايڪسپريس وي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
وفاقي وزير چيو ته پي آءِ ڊي سي ايل، پاڪ پي ڊبليو ڊي جو جانشين ادارو آهي، جيڪو چئني صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ادارو رڳو سنڌ لاءِ مخصوص ناهي.
احسن اقبال چيو ته ڪي ايم سي جو مسئلو رڳو ڪوآرڊينشن بابت هو، وڏي وزير خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجي آفيسر مقرر ڪندو، اميد آهي ته گرين لائن فيز ٽو تي ڪم جلد ٻيهر شروع ٿيندو.
وفاقي وزير چيو ته ڪي فور منصوبو به جلد مڪمل ڪرڻ وفاقي حڪومت جي ترجيح آهي، منصوبي لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا، 140 ارب رپيا لڳائڻ باوجود ان جي ورڇ جو مرحلو مڪمل ٿيڻو آهي، شهر ۾ پاڻي ورهائڻ لاءِ لائن وڇائڻ جو ڪم سنڌ سرڪار ڪندي.
احسن اقبال چيو ته پ پ ۽ ن ليگ گڏجي ڪشمير ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سندن موقف ۾ ڪو مونجهارو ناهي، بي اعتمادي رٿ ذريعي ئي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت کي گهر موڪليو ويندو….
- Advertisement -
