سندن اميدوار قومي، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد ڪندا: بئريسٽر گوهر

- Advertisement -
تحريڪ انصاف، سني اتحاد ڪائونسل سان چونڊ اتحاد جو اعلان ڪري ڇڏيو، بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته سندن اميدوار قومي، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد ڪندا. ايم ڊبليو ايم سربراهه علامه راجا ناصر عباس ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين صاحبزادا حامد رضا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ جا حمايتي اميدوار سمورن صوبن ۾ ڪامياب ٿيا آهن، کين ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽ پيا، سندن حساب سان پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جون 180 سيٽون کٽي آهي. هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبن ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهيندا، سني اتحاد ڪائونسل سان پارلياماني اتحاد وارو قدم مخصوص سيٽن جي تحفظ لاءِ کنيو آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته فارم 45 موجب کي فارم 47 ٺهڻ گهرجي، پشاور ۾ اٺن سيٽن تي ڌانڌلي ڪئي وئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان ڌانڌلي خلاف جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهي، جيڪو پي ٽي آءِ ڇڏيندو، اهو اڪيلا ٿي وينديو. عمر ايوب چيو ته وفاق ۾ سندن پارٽي ئي حڪومت ٺاهيندي صوبن ۾ به هو ئي حڪومت ٺاهيندا، اقتدار ۾ اچي عمران خان، بشريٰ بيبي،  شاهه محمود قريشي، پرويز الاهي ۽ عورت ڪارڪنن کي جيلن کان آزاد ڪرايو ويندو. ايم ڊبليو ايم جي سربراهه علامه راجا ناصر عباس چيو ته اهو تمام سٺو فيصلو آهي، عمران خان جي غلامي  کان آزادي واري نعري سان هو گڏ آهن. سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه حامد رضا چيو ته سندن اتحاد نئون نه پر اٺن ورهين جو آهي، ايم ڊبليو ايم، سني اتحاد ڪائونسل ۽ پي ٽي آءِ جو اهو فيصلو گڏيل صلاح مشوري سان ٿيو، هو فرقيواريت خلاف آهن….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون