تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنسني خير ميچ کانپوءِ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو

سنسني خير ميچ کانپوءِ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو.

بارباڊوس جي برج ٽائون ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ شرما 23 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ رشڀ پنت رنسون ٺاهڻ بنا ۽ سوريه ڪمار ياديو 36 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

ويرات ڪوهلي ۽ اڪسر پٽيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ گڏيل طور تي 72 رنسون ٺاهيون، اڪسر پٽيل 31 بالن تي 4 ڇڪن جي مدد سان 47 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو.

ان کانپوءِ ڪوهلي ۽ ڊوبي بيٽنگ کي سنڀاليو پر ڪوهلي 76 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون. ڪوهلي 76، اڪسر 47 ۽ شيوم ڊوبي 27 رنسون ٺاهيون.

ڏکڻ آفريڪا طرفان اينريخ نورڪيا ۽ ڪيشو مهاراج 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

ڀارت پاران ڏنل 177 رنسن جي هدف ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي ۽ پهرين 2 وڪيٽون 12 رنسن تي ڪري پيون.

ڪوئنٽن ڊي ڪڪ ۽ ٽرسٽن ٽبس ٽئين وڪيٽ تي 58 رنسن جي پارٽنرشپ ڪري ٽيم جي پوزيشن کي مستحڪم ڪيو پر ٽرسٽن ٽبس 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

ڪوئنٽن ڊي ڪڪ 39 رنسون ٺاهي ڪلديپ کي ڪيچ ڏئي آئوٽ ٿيو، پر ڪلاسن جارحاڻي اننگز کيڏي ۽ 27 بالن تي 5 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.

آخري اوور ۾ ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 16 رنسون گهربل هيون پر سوريا ڪمار ياديو هاردڪ پانڊيا جي بال تي بائونڊري تي ملر جو شاندار ڪيچ ورتو، ان پوءِ واري بال تي 4 رنسون ٺاهيون ويون، پوءِ ٽئين بال تي هڪ رنس ٺاهي وئي، چوٿين بال تي هڪ رن به آيو، پوءِ وائڊ بال ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ربادا پنجين بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو ۽ آخري بال تي هڪ رن ٺاهي وئي.

اهڙي طرح ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن بڻجي ويو.

ڀارت 2007 ۾ ٽي 20 چيمپيئن به بڻيو هو.

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون. جسپريت بمرا جي شاندار اسپيل ڀارت کي فتح ڏياري ۽ هن 4 اوورن ۾ 18 رنسون ڏئي 2 بالرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ارشد به 2 وڪيٽون ورتيون…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
5.1 ° C
5.1 °
5.1 °
29 %
0.4kmh
0 %
خميس
5 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون