- Advertisement -
سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي تيرهن ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ جوڙي وئي آهي.
تيرهن رڪني فل ڪورٽ بئنچ جو سربراهه چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هوندو ۽ سني اتحاد ڪائوسنل جي درخواست تي ٻڌڻي 3 جون تي ٿيندي.
ذريعن موجب جسٽس مسرت هلالي دل جي تڪليف سبب بئنچ ۾ شامل ناهي.
جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ مخصوص سيٽن بابت پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون تحت آئيني نقطي جي تشريح ۽ وڏي بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو ججن واري ڪميٽيءَ ڏانهن موڪليو ويو هو.- Advertisement -
