سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار

- Advertisement -
سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، نظر جي حد گھٽجڻ سبب موٽر ويز جا مختلف سيڪشنز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن. موٽر وي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم ون اسلام آباد کان پشاور ٽول پلازه تائين ڪوهيڙي سبب بند آهي. موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، ايم 3 فيض پور کان درخانه تائين ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب، ايم 4 ملتان کان عبدالحڪيم ، شور ڪوٽ کان فيصل آباد ۽ ايم فور عبدالحڪيم کان پنڊي ڀٽيان تائين هيوي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ايم 5 ملتان کان پير ظاهر ۽ رحيم يار خان کان روهڙي تائين به هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. موٽر وي پوليس ترجمان موجب، سنڌ ۽ پنجاب ۾ قومي شاهراهه اين 5 تي به ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي. موٽر وي پوليس طرفان شهرين کي غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ ڊرائيورن کي فوگ لائٽس استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
47%
1.7m/s
0%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون